فوڊ واڪ تي واردات، شهري کان 7 لک رپين جو موبائل فون ڦر

فوڊ واڪ تي واردات، شهري کان 7 لک رپين جو موبائل فون ڦر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي مسلم سوسائٽي جي فوڊ واڪ تي موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن شهري کان 7 لک رپين جي ماليت وارو موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا.واردات کانپوءِ متاثر شهري جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو.متاثر شهري سلال موجب، هو فوڊ واڪ تي وڊيو ٺاهي رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻه جوابدار پهتا، جن مان هڪ سندس موبائل فون ڦري ساٿي سان گڏ فرار ٿي ويو.پوليس موجب واقعي جو ڪيس متاثر شهري جي فرياد تي فيروزآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واردات 4 نومبر جي رات هڪ وڳي پيش آئي، جڏهن ته متاثر شهري پوليس مددگار 15 تي به اطلاع ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو