اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي صحت کي خطرو آهي ۽ سندس بلڊ پريشر به ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي پنهنجي بيان ۾ علامه ناصر عباس چيو ته خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ عوام کي چيو ويو ته سندن مينڊيٽ قبول ناهي. هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) جي حتمي تاريخ ڪميٽي مشاورت کانپوءِ طئي ڪندي. ڪميٽي ۾ ڪامران مرتضيٰ، ناصر شيرازي ۽ سلمان اڪرم راجا شامل هوندا.علامه ناصر عباس ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ عامر ڊوگر ۽ مصطفيٰ نواز کوکر به شامل هوندا، جڏهن ته اي پي سي لاءِ ڪوآرڊينيٽر اخوانزاده حسين يوسفزئي ۽ خالد يوسف چوڌري هوندا.هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت کي خطرو آهي، حڪومت هر ريڊ لائين پار ڪري چڪي آهي، سندس بلڊ پريشر ٺيڪ نه ٿي رهيو آهي، جيڪا تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته شڪ ۽ شبها نه، پر يقين پيدا ٿي رهيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي صحت بابت سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي.ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته سندن ڪوشش آهي ته سموريون پاليسيون پارليامينٽ ذريعي جوڙيون وڃن.سلمان اڪرم راجا چيو ته اي پي سي قومي اتفاق راءِ ڏانهن پهريون قدم هوندي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏ ويهنديون ۽ سب ڪميٽي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سمورين قوتن کي دعوت ڏني ويندي ته اهي آئين جي تحفظ لاءِ اڳتي اچن.










