ڪورنگي ۾ مبينا مقابلو، فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا

ڪورنگي ۾ مبينا مقابلو، فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي ڪراسنگ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عمران ۽ شيرين جي نالن سان ٿي آهي. واقعي واري هنڌ تان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ڪورنگي موجب جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته پوليس سان سندن مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو