سارا خان ٻي  ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو، تصويرون وائرل

سارا خان ٻي ڌيءَ جو چهرو ڏيکاري ڇڏيو، تصويرون وائرل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سارا خان پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ جو چهرو پهريون ڀيرو دنيا آڏو آڻي ڇڏيو، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.تازو اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن پنهنجي خاندان بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.پروگرام دوران سارا خان پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ رانيا فلڪ جون تصويرون شيئر ڪيون.سارا خان چيو ته اڄ پهريون ڀيرو هوءَ پنهنجي ڌيءَ جو مڪمل چهرو دنيا آڏو ڏيکاري رهي آهي.واضح رهي ته سارا خان 2020ع ۾ گلوڪار فلڪ شبير سان شادي ڪئي هئي ۽ هن جوڙي کي ٻه ڌيئرون اليانا فلڪ ۽ رانيا فلڪ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو