ايئرلائن جي اڏام لينڊنگ دوران وڏي حادثي کان بچي وئي

ايئرلائن جي اڏام لينڊنگ دوران وڏي حادثي کان بچي وئي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد کان ڪراچي ايندڙ خانگي ايئرلائن جي اڏام لينڊنگ دوران وڏي حادثي کان بچي وئي.ڪراچي ايئرپورٽ جي فضائي حدن ۾ لينڊنگ وقت جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو. ايئرپورٽ ذريعن موجب پکي ٽڪرائجڻ سبب جهاز جي ريڊوم ۽ بلڪ هيڊ فريمز کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته خوشقسمتيءَ سان سمورا مسافر محفوظ رهيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ خانگي جهاز کي ضروري معائني ۽ ڪليئرنس ملڻ تائين گرائونڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو