ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پاور هائوس چوڪ ڀرسان اسڪول وين ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻار زخمي ٿي پيا.حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻارن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.امدادي ذريعن موجب زخمي ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.ٽڪر سبب ٻنهي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو آهي.










