بلوچستان جون حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي: مندوخيل

بلوچستان جون حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي: مندوخيل

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل چيو آهي ته بلوچستان جون موجوده حالتون ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ويهي سوچڻو پوندو.بلوچستان بار ڪائونسل جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته هن پنهنجي پيشوراڻي زندگيءَ ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، اهي سندس ذميواري ۽ فرض هو.هن چيو ته اڄ اسان کي ڪوئيٽا ويندي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن هو بنا ڪنهن محافظ جي ڪٿي به هليو ويندو هو. صوبي جا حالتون هن حد تائين ڪيئن پهتا، اهو غور طلب سوال آهي.جسٽس جمال مندوخيل جو چوڻ هو ته بلوچستان جون حالتون بهتر بڻائڻ رڳو حڪومت جي ذميواري ناهي، پر هر شهري کي انهن حالتن جي سببن تي غور ڪرڻو پوندو. صوبي ۾ ماضيءَ جهڙيون حالتون واپس آڻڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ويهي سوچڻو پوندو.هن چيو ته اسان کي امن گهرجي، ڇاڪاڻ ته امن هوندو ته ڪاروبار هلندو ۽ ماڻهو عدالتن تائين اچي سگهندا. جسٽس جمال مندوخيل سانحي سول اسپتال جو ذڪر ڪندي چيو ته هو اهو سانحو وساري نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو