بجلي واهپيدارن تي 23 ارب 33 ڪروڙ رپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري

بجلي واهپيدارن تي 23 ارب 33 ڪروڙ رپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کان 23 ارب 33 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.درخواست سال 2026ع جي ٽئين ٽه ماهي، جولاءِ کان سيپٽمبر جي ايڊجسٽمينٽ بابت جمع ڪرائي وئي آهي. في يونٽ بجلي ڪيتري مهانگي ٿيندي، ان جو فيصلو نيپرا ڪندو.درخواست ۾ ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 38 ارب 92 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ 5 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپين جي واڌ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف انڪريمنٽل پيڪيج جي اثرن جي مد ۾ 29 ارب 25 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.جولاءِ کان سيپٽمبر 2026ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو لاڳو ٿيڻ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي به ٿيندو. نيپرا درخواست تي 17 نومبر تي ٻڌڻي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو