مسافر بس ۽ ڊمپر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 12 زخمي

مسافر بس ۽ ڊمپر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 12 زخمي

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) هزارا موٽر وي تي حويليان ويجهو مسافر بس ۽ ڊمپر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب مسافر بس گلگت کان راولپنڊي وڃي رهي هئي ته لهرائي دوران ڊمپر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته بظاهر حادثو بس جا بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي جي اصل سببن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد لاءِ ايوب ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو