پرڏيھي واپار وڌائڻ لاءِ ٽي ڊي اي پي کي جديد بڻائڻ جي منظوري

پرڏيھي واپار وڌائڻ لاءِ ٽي ڊي اي پي کي جديد بڻائڻ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي برآمدات ۾ واڌ، پاڪستاني شين جي عالمي مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ ۽ مقامي صنعتن کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) کي جديد بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٽي ڊي اي پي جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اداري جي نظام کي جديد گهرجن مطابق تبديل ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته برآمدات ۾ واڌ لاءِ مقامي صنعتن ۾ تيار ٿيندڙ شين کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچائڻ انتهائي اهم آهي، جديد بڻايل ٽي ڊي اي پي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته زرعي شين جي برآمدات وڌائڻ لاءِ مڪمل ايڪو سسٽم قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ پيداوار کان وٺي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائڻ واري پوري ويليو چين شامل هوندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي تربيت يافته ۽ قابل افرادي قوت کي اداري جو حصو بڻايو وڃي. شهباز شريف چيو ته ادارن ۾ سڌارا تڏهن ئي ممڪن آهن، جڏهن ملازمن جي ترقي کي مقرر ڪيل هدفن ۽ ڪارڪردگي سان ڳنڍيو وڃي. هن اداري جي ڪارڪردگي ۽ مالي آڊٽ لاءِ سٺي ساک واري خانگي آڊٽ فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽي ڊي اي پي کي عالمي معيار جو واپاري ادارو بڻائڻ لاءِ مختلف سڌارا تجويز ڪيا ويا آهن، جن ۾ اداري جي بنيادي ڪمن کي 8 شعبن تائين محدود ڪرڻ، بورڊ ۽ انتظامي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ، علائقائي نيٽ ورڪ کي اثرائتو بڻائڻ، ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ مصنوعي ذهانت جو استعمال شامل آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اداري جي ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ ماپجڻ جوڳا معيار ۽ آزاد ٽئين ڌر جي جائزي جو نظام پڻ متعارف ڪرايو ويندو. تجويز ڪيل سڌارن تي عملدرآمد لاءِ 12 مهينن جو مرحليوار منصوبو پيش ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم ايندڙ سال جي وچ تائين عمل مڪمل ڪرڻ ۽ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن رانا تنوير حسين، جام ڪمال خان، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، عطا الله تارڙ، شزا فاطمه خواجه، ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو