ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت سنڌ صوبي جي ترقي ۽ نوجوان نسل جي روشن مستقبل لاءِ اعليٰ تعليم، تحقيق، جدت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ کي بنيادي اهميت ڏئي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري يونيورسٽين کي مالي سهائتا، بنيادي ڍانچي جي بهتري، تحقيقي منصوبن ۽ ڊجيٽل مهارتن جي واڌاري ذريعي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن سنڌ جا نوجوان عالمي معيشت ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن سان هم آهنگ ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ منعقد ڪيل 16هين بين الاقوامي سول انجنيئرنگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ناصر حسين شاهه چيو ته موجوده دور علم، تحقيق، جدت ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقي جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اهو پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ پيشورانه مهارتن سان ڪيتري حد تائين ليس ڪري ٿو. سنڌ حڪومت ان حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهي ته اعليٰ تعليم جا ادارا رڳو ڊگريون ڏيڻ جا مرڪز نه، پر قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ سماجي تبديلي جا اهم ٿنڀ آهن. هن چيو ته صوبائي حڪومت سرڪاري يونيورسٽين کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي بنيادي ڍانچي جي ترقي، جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي، تحقيقي سرگرمين ۽ ڊجيٽل مهارتن جي واڌاري لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. گوگل ۽ ٻين عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان شروع ڪيل پروگرام پڻ انهيءَ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن، جن جو مقصد نوجوانن کي جديد ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار ڪرڻ ۽ کين عالمي سطح تي روزگار ۽ ڪاروبار جا نوان موقعا حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. سنڌ جي صوبائي وزير چيو ته اسان جو مقصد آهي ته سنڌ جي شاگردن، استادن ۽ محققن کي مصنوعي ذهانت، جديد انجنيئرنگ، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا وڃن. نوجوانن کي صرف مقامي ضرورتن تائين محدود رکڻ بدران اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ضروري آهي، جنهن ذريعي اهي عالمي سطح تي پڻ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته انجنيئرنگ، خاص طور تي سول انجنيئرنگ جو شعبو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. روڊن، پلن، عمارتن، آبي وسيلن، نيڪال جي نظام، شهري منصوبابندي ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ انجنيئرن جون صلاحيتون انتهائي ضروري آهن. جڏهن ته موسمياتي تبديلين، شهري آبادي ۾ واڌ، پاڻي جي کوٽ ۽ قدرتي آفتن جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد سائنسي تحقيق ۽ پائيدار انجنيئرنگ حل وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪا آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان کي درپيش بنيادي ڍانچي جي مسئلن جو حل روايتي طريقن بدران جديد تحقيق، سائنسي بنيادن تي منصوبابندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال ۾ آهي. يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن کي گهرجي ته پنهنجي تحقيق کي عملي ضرورتن سان ڳنڍين، ته جيئن تحقيق جا نتيجا عام شهرين جي زندگي بهتر بڻائڻ ۽ قومي ترقي ۾ سڌي ريت مددگار ثابت ٿين. هن وڌيڪ چيو ته بين الاقوامي ڪانفرنسن جي انعقاد سان مقامي ۽ عالمي ماهرن کي هڪ ٻئي جي تجربن ۽ ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، جڏهن ته تحقيق، علمي ڏي وٺ ۽ گڏيل منصوبن جا نوان رستا پڻ کُلن ٿا. اهڙيون ڪانفرنسون پاڪستان جي انجنيئرنگ شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ جديد سائنسي لاڙن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. بلديات واري صوبائي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو تعليمي تصور پڻ اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي. هن اعليٰ تعليم، سائنسي ترقي، عورتن جي تعليم ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو. اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ نوجوانن جي ترقي کي قومي ترجيحن ۾ اهم مقام ڏئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ نوجوان نسل جي ترقي بابت ڏنل هدايتون خاص اهميت رکن ٿيون. بلاول ڀٽو زرداري جو تصور آهي ته نوجوانن کي مستقبل جي گهرجن مطابق جديد علم ۽ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي، ته جيئن اهي ملڪ جي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ عالمي سطح تي پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهن. ناصر حسين شاهه اميد ظاهر ڪئي ته 16هين بين الاقوامي سول انجنيئرنگ ڪانفرنس بامقصد علمي بحثن، جديد تحقيقي نتيجن ۽ اثرائتين تجويزن کي هٿي ڏيندي. هن چيو ته اهڙين ڪانفرنسن جو تسلسل سان انعقاد پاڪستان کي درپيش انجنيئرنگ ۽ بنيادي ڍانچي جي مسئلن جي حل لاءِ جديد، قابل عمل ۽ پائيدار تجويزون سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن اين اي ڊي يونيورسٽي جي انتظاميا، منتظمين، استادن، محققن ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي ماهرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تعليمي ادارن، حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ مضبوط سهڪار ئي علم کي عملي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ جو اثرائتو ذريعو آهي.










