ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي طارق روڊ ڀرسان هٿياربندن جيولري رائيڊر کان 82 تولا سون ۽ 4 ڪلو چاندي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب متاثر ڌريون موٽرسائيڪل تي سامان کڻي وڃي رهيون هيون.متاثرن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته 6 جوابدارن کين يرغمال بڻائي 82 تولا سون ۽ 4 ڪلو چاندي ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته علائقي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.










