اورنگي ٽائون ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 6 جوابدار گرفتار

اورنگي ٽائون ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 6 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٽولي جي سرغنه سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز جي ترجمان موجب خيرآباد، الطاف نگر ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ ٽولي جو سرغنه پڻ شامل آهي.جوابدارن جي قبضي مان 4 غيرقانوني پستول، گوليون، 3 موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن 15 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو