هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 46 هزار 617 واقعا رپورٽ

هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 46 هزار 617 واقعا رپورٽ

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) شهر ۾ هلندڙ سال 5 نومبر تائين اسٽريٽ ڪرائم جا 46 هزار 617 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 65 شهري مارجي ويا، جڏهن ته 182 ڄڻا زخمي ٿيا.رپورٽ موجب، پوليس رڪارڊ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل شهرين جو انگ 51 ڄاڻايو ويو آهي.5 نومبر تائين شهرين کان ڪروڙين رپين جي ماليت جا 16 هزار 821 موبائل فون ڦريا ويا، جڏهن ته 1 هزار 301 گاڏيون ۽ 28 هزار 495 موٽرسائيڪلون ڦر يا چوري ڪيون ويون.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور 4 هزار 273 گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون ڦريون ويون، جڏهن ته 25 هزار 523 گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون چوري ٿيون.هلندڙ سال روزاني بنيادن تي موبائل فون ڦرڻ جي شرح 54.43، گاڏين جي چوري ۽ ڦر جي شرح 4.21، جڏهن ته موٽرسائيڪلن جي ڦر ۽ چوري جي روزاني شرح 92.21 رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو