ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ۾ ڏڪار جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٿرپارڪر جي سمورن ستن ئي تعلقن ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، جتي 85 کان 90 سيڪڙو تائين فصلون تباهه يا غيرپيداوار ٿي چڪيون آهن. زراعت کاتي موجب فصلن کي لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو نقصان پهتو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر 2026ع دوران ٿرپارڪر جي ستن ئي تعلقن ۾ رڳو هڪ کان 36 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته غيرمتوازن برساتن سبب فصلون ۽ قدرتي گاهه پچڻ کان اڳ ئي سڪي ويا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٿر جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، غيرفعال آر او پلانٽن جي فوري مرمت ڪري کين فعال بڻايو وڃي ۽ پاڻي پهچائڻ جا سمورا موجود ذريعا بحال ڪيا وڃن. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي نئون ڪوٽ کان مٺي تائين پاڻي جي پائيپ لائين وڇائڻ جي فزيبلٽي جو جائزو وٺڻ ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير ڏڪار سبب متاثر ٿيندڙ چوپائي مال جي تحفظ لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ ۽ ڏڪار سٽيل علائقن ۾ امدادي قدمن جي مسلسل نگراني ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٿرپارڪر جي متاثر ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، سنڌ حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، چوپائي مال جو تحفظ ۽ متاثر خاندانن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.










