ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ڪاروباري هفتي دوران مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان رهيو.رواں هفتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 7477 پوائنٽن جي واڌ سان 173886 پوائنٽن تي بند ٿيو.هفتي دوران 100 انڊيڪس 9614 پوائنٽن جي حد اندر رهيو، انڊيڪس جي بلند ترين سطح 176604 پوائنٽس، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ سطح 166989 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي.شيئرز مارڪيٽ ۾ هفتي دوران 4 ارب 28 ڪروڙ شيئرز جا سودا 142 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ هفتي دوران 520 ارب رپين جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ اها وڌي 18 هزار 909 ارب رپيا ٿي وئي.










