سپارڪو جو اسپيس بيسڊ آگمينٽيشن سسٽم متعارف

سپارڪو جو اسپيس بيسڊ آگمينٽيشن سسٽم متعارف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپارڪو پاڪستان جو اسپيس بيسڊ آگمينٽيشن سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. سپارڪو جي ترجمان موجب اهو نظام پاڪ سيٽ ايم ايم ون سيٽلائيٽ ذريعي هلايو پيو وڃي. ترجمان جو چوڻ آهي ته هي نظام درست ۽ ڀروسي جوڳو پوزيشننگ، نيويگيشن ۽ ٽائمنگ جون سهولتون فراهم ڪري ٿو. پاڪ ايس بي اي ايس کي ٿر ڊيزرٽ ريلي ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، جتي اها ٽيڪنالاجي گاڏين جي ريسنگ کي وڌيڪ محفوظ ۽ تيز رفتار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو