يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيل جي صدر هرزوگ، وزيراعظم نيتن ياهو جي مخالف آئزن ڪوٽ کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب غزا ۾ نسل ڪشي ۽ ايران سان جنگ شروع ڪندڙ نيتن ياهو حڪومت ٺاهڻ جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي. اسرائيلي اخبار موجب صدر هرزوگ چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيون ته ڪنيست کي ٽوڙي ٻيهر چونڊون ڪرايون وينديون. نيتن ياهو گڏيل حڪومت ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو، پر صدر اهو مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندڙ نيتن ياهو دعويٰ ڪئي هئي ته اسلام پسندن سان مخالف ڌر جو اتحاد اسرائيل جي مستقبل ۽ سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. رپورٽ موجب 67 قانون سازن آئزن ڪوٽ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته نيتن ياهو کي رڳو 46 قانون سازن جي حمايت ملي سگهي.










