پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي خلاف داخل درخواستن بابت وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي تي پشاور هاءِ ڪورٽ عملدرآمد ڪندي 10 نومبر جي ڪاز لسٽ مان گورنر راڄ، اڳوڻي وڏي وزير جي گرفتاري ۽ ساڳئي نوعيت جون ٻيون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن. عدالتي فيصلي موجب 12 آڪٽوبر 2026ع يا ان کانپوءِ داخل ڪيل درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نه ٿينديون. فيصلي تحت گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي خلاف درخواستن، اڳوڻي وڏي وزير ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر جي گرفتاري وارن ڪيسن ۽ ٿري ايم پي او تحت داخل درخواستن جي ٻڌڻي هاڻي پشاور هاءِ ڪورٽ بدران وفاقي آئيني عدالت ڪندي.










