منصور نظاماڻي
آمريڪا جي سياست ۾ مڊٽرم چونڊون رڳو اقتدار ۾ ويٺل پارٽيءَ جي مقبوليت جو امتحان نه هونديون آهن، پر اهي ملڪ جي ايندڙ سياسي رخ، حڪومتي پاليسين ۽ عالمي لاڳاپن تي به اثرانداز ٿينديون آهن. 3 نومبر 2026ع تي ٿيل آمريڪي مڊٽرم چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابي ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي ٻنهي ايوانن ۾ سياسي پوزيشن ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نئين سياسي صورتحال پيدا ٿي آهي. جيتوڻيڪ ٽرمپ اڃا آمريڪا جو صدر آهي ۽ سندس صدارتي مدو جاري آهي، پر ڪانگريس ۾ مخالف ڌر جي مضبوط پوزيشن سندس حڪومتي ايجنڊا، قانون سازي ۽ سياسي حڪمت عمليءَ تي اثر وجهي سگهي ٿي. آمريڪي سياست ۾ پيدا ٿيل هيءَ تبديلي رڳو واشنگٽن تائين محدود نه رهندي، پر ان جا اثر عالمي سفارتڪاريءَ، واپاري لاڳاپن ۽ مختلف علائقائي تڪرارن تي به پئجي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ به ضروري آهي ته هو بدلجندڙ آمريڪي سياسي منظرنامي کي سمجهي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحن جو نئين سر جائزو وٺي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا تاريخي طور مختلف دورن مان گذريا آهن. ڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون مضبوط رهيو آهي ته ڪڏهن اعتماد جي کوٽ، پاليسي اختلافن ۽ علائقائي مفادن سبب لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي. ٽرمپ جي موجوده دور ۾ پاڪستان سان سفارتي رابطن ۽ ذاتي لاڳاپن کي خاص اهميت حاصل رهي آهي. پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان ڪنهن به ملڪ لاءِ اهو مناسب ناهي ته هو پنهنجا لاڳاپا رڳو ڪنهن هڪ صدر يا سياسي شخصيت جي ذاتي رابطن تي قائم ڪري. آمريڪا ۾ صدر کان علاوه ڪانگريس، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، پينٽاگون ۽ ٻيا ادارا به پرڏيهي پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۽ عملدرآمد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. تنهنڪري پاڪستان کي آمريڪي سياسي نظام جي سڀني اهم ڌرين سان مستقل ۽ ادارتي بنيادن تي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ گهرجن، جيئن واشنگٽن ۾ سياسي تبديليءَ باوجود ٻه طرفا لاڳاپا متاثر نه ٿين.
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ ٻيو اهم چئلينج چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ عالمي مقابلي سان لاڳاپيل آهي. چين پاڪستان جو اهم اقتصادي ۽ دفاعي ڀائيوار آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان لاءِ هڪ اهم واپاري منڊي، سيڙپڪاريءَ جو ذريعو ۽ عالمي مالياتي ادارن تي اثر رکندڙ طاقت آهي. هڪ طرف چين پاڪستان ۾ سي پيڪ، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف آمريڪا سان واپاري، اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپا به پاڪستان جي ضرورت آهن. جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تجارتي جنگ، ٽيڪنالاجيءَ جي مقابلي ۽ دفاعي ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي ٿي ته پاڪستان لاءِ ٻنهي ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا متوازن رکڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. پوءِ پاڪستان کي واضح ڪرڻو پوندو ته سندس پرڏيهي پاليسي ڪنهن عالمي طاقت جي مخالفت يا حمايت بدران پنهنجي قومي مفادن، اقتصادي ضرورتن ۽ علائقائي استحڪام تي ٻڌل ملڪي سلامتي جي لاءِ هوندي
ايران سان لاڳاپا به پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ حساس ۽ اهم پاسو رهيو آهي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ، خطي ۾ جنگي صورتحال ۽ توانائيءَ جي عالمي بحران پاڪستان جي معيشت ۽ سلامتيءَ تي سڌو اثر وڌو آهي. پاڪستان هڪ طرف ايران سان پاڙيسري، مذهبي، تاريخي ۽ واپاري لاڳاپا رکي ٿو ته ٻئي طرف آمريڪا سان به سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ اسلام آباد لاءِ ضروري آهي ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ڳالهين جي بحالي ۽ علائقائي امن لاءِ سفارتي ڪردار ادا ڪندو رهندو. تنهڪري پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت ۽ ايران سان سرحدي لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي، ڪنهن به اهڙي جنگي صورتحال کان پاڻ کي پري رکڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ سندس بنيادي ترجيح ھجڻ گھرجي. ساڳئي وقت افغانستان جو مسئلو به پاڪستان لاءِ گهٽ اهميت نٿو رکي. افغانستان ۾ امن، سرحدي سلامتي، دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ علائقائي واپار اهڙا معاملا آهن، جن تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل مفادن جي بنياد تي تعاون جاري رهي سگهي ٿو. آمريڪي ڪانگريس ۾ سياسي تبديليءَ باوجود دهشتگرديءَ خلاف تعاون ۽ ايران بابت سفارتي ڪوششن کي ٻنهي پارٽين جي حمايت حاصل هجڻ جو امڪان پاڪستان لاءِ هڪ اهم سفارتي موقعو هوندو.
آمريڪي ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان لاءِ هڪ ٻيو اهم سوال ٽرمپ انتظاميا سان ٿيل اقتصادي معاهدن ۽ سيڙپڪاريءَ جي منصوبن جو مستقبل آهي. گذريل عرصي دوران پاڪستان آمريڪا سان اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون آهن، جن ۾ معدنيات، توانائي، ڊجيٽل ڪرنسي ۽ واپاري منصوبن کي اهميت ڏني وئي. ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ طرفان 1.25 ارب ڊالرن جي مالي سهائتا جي منظوري پاڪستان لاءِ اهم پيش رفت آهي. ساڳئي وقت نيويارڪ جي روزويلٽ هوٽل جي نئين سر تعمير ۽ ٽرمپ خاندان سان لاڳاپيل ڪاروباري ادارن سان ٿيل ڪجهه مفاهمتي يادداشتون به هاڻي آمريڪي سياسي ۽ قانون سازيءَ جي نگرانيءَ هيٺ اچي سگهن ٿيون. رائٽرز جي 6 نومبر واري رپورٽ موجب، ڊيموڪريٽس جي ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان سان ٽرمپ انتظاميا جي ويجهن رابطن ۽ ڪجهه ڪاروباري معاملن تي جاچ ۽ سوال اٿڻ جا امڪان پڻ موجود آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان کي انهن معاهدن جي شفافيت، قانوني حيثيت ۽ قومي مفادن کي واضح رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به منصوبي کي رڳو سياسي رابطن جي بنياد تي اڳتي وڌائڻ مستقبل ۾ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان لاءِ آمريڪا سان دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون به اهميت رکي ٿو. جيئن ماضيءَ ۾ ٻنهي ملڪن دهشتگرديءَ خلاف جنگ، انٽيليجنس جي ڏي وٺ ۽ علائقائي سلامتيءَ جي معاملن ۾ گڏجي ڪم ڪيو آهي. افغانستان جي صورتحال، سرحد پار دهشتگردي ۽ خطي ۾ انتهاپسنديءَ جا خطرا اهڙا مسئلا آهن، جن کي ڪنهن هڪ ملڪ جي ڪوششن سان حل نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري پاڪستان کي آمريڪا سان دفاعي رابطن کي سياسي اختلافن کان الڳ رکندي گڏيل مفادن جي بنياد تي اڳتي وڌائڻ پوندو. پر ان سان گڏ اهو به ضروري آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي ۽ سلامتيءَ جي ضرورتن لاءِ ڪنهن هڪ ملڪ تي مڪمل انحصار ڪرڻ بدران مختلف دوست ملڪن سان تعاون جا رستا به کليل رکي جيئن ڪنهن به وڻندڙ واقعن تي اُنھن جو تعاون ڪم اچي سگهي
ان سموري صورتحال ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو هڪ اهم سوال اهو به آهي ته ڇا ملڪ عالمي سياست ۾ پنهنجي حيثيت کي مستقل بنيادن تي مضبوط ڪري سگهندو؟ پاڪستان وٽ جغرافيائي اهميت، وڏي انساني آبادي، قدرتي وسيلن، علائقائي رابطن ۽ قابل سفارتي تجربڪار ماڻهو موجود آهن، پر انهن مان حقيقي فائدو تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ اندر سياسي استحڪام، معاشي سڌارا ۽ پاليسيءَ جو تسلسل به موجود هجي. پرڏيهي سيڙپڪاري صرف سياسي ملاقاتن يا مفاهمتي يادداشتن سان حاصل نٿي ٿي سگھي، پر ان لاءِ قانون جي حڪمراني، پاليسين ۾ تسلسل، شفاف نظام، توانائيءَ جي مناسب قيمتن ۽ سيڪيورٽيءَ جي ضمانت پڻ ضروري آهي. جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي ته پوءِ عالمي طاقتن سان ويجها لاڳاپا به ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۾ گهربل تبديلي آڻي نه سگهندا.
هاڻ پاڪستان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته عالمي سياست ۾ مستقل دوستيون يا ذاتي لاڳاپا نه، پر قومي مفاد، اقتصادي طاقت ۽ مضبوط ادارا وڏي اهميت رکن ٿا. آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪاميابيءَ کان پوءِ پاڪستان کي واشنگٽن سان پنهنجا لاڳاپا نئين سر متوازن ڪرڻا پوندا، اُن سان گڏ چين سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري به برقرار رکڻي پوندي، ۽ پنهنجي پاڙيسري ايران سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ افغانستان ۾ به امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. اُن ڪري حڪومت لاءِ ضروري آهي ته هو پرڏيهي پاليسيءَ کي سياسي حڪومتن جي تبديليءَ کان مٿانهون رکي ۽ پارليامينٽ، پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مشاورت سان هڪ مستقل حڪمت عملي اختيار ڪري. ڇو ته ڪنهن به ملڪ جي عالمي ساک جو دارومدار رڳو طاقتور حڪمرانن سان ويجهن لاڳاپن تي نه، پر ان جي پنهنجي سياسي استحڪام، معاشي خودمختياري ۽ اصولي سفارتڪاريءَ تي به انحصار ڪري ٿي. ته پوءِ پاڪستان کي هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو عالمي طاقتن جي بدلجندڙ سياسي حالتن سان گڏ رڳو پنهنجو رخ بدلائيندو رهندو يا پنهنجي قومي مفادن جي بنياد تي هڪ خودمختيار ۽ مستقل پرڏيهي پاليسي به اختيار ڪندو جيڪا ملڪي سلامتي جي لاءِ بهتر رهندي.










