ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 5 اهلڪارن جي طبيعت خراب

ڪوئيٽا پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 5 اهلڪارن جي طبيعت خراب

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ تربيت وٺندڙ 5 پوليس اهلڪارن کي هاءِ بلڊ پريشر سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان پوليس جي ترجمان موجب اسپتال منتقل ڪيل اهلڪارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ترجمان ٻڌايو ته پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ 5 ۽ 7 نومبر تي ٻن اهلڪارن کي دل جو دورو پيو هو، جنهن سبب اهلڪار سميع الله ۽ مرزا خان فوت ٿي ويا هئا. بلوچستان پوليس جي ترجمان چيو ته پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ خراب خوراڪ يا فوڊ پوائزننگ جو ڪو به واقعو سامهون نه آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو