ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان گم ٿيل 14 ورهين جي نينگري کي پنجاب جي ضلعي اٽڪ مان بحفاظت بازياب ڪرايو ويو آهي. ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي موجب پوليس اٽڪ ۾ ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي پاڪ ڪالوني مان گم ٿيل نينگري ڪومل کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته ڪارروائي دوران هڪ جوابدار عمر شهزاد کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب نينگري 16 سيپٽمبر 2026ع تي گهران سامان وٺڻ لاءِ نڪتي هئي، جنهن کانپوءِ گم ٿي وئي هئي. واقعي جو ڪيس پاڪ ڪالوني ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو. پوليس موجب جاچ ٽيم ٽيڪنيڪل بنيادن تي معلومات حاصل ڪرڻ کانپوءِ اٽڪ ۾ ڪارروائي ڪري نينگري کي بازياب ڪرايو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي وڌيڪ ٻڌايو ته نينگري جي بازيابيءَ لاءِ ليڊي سب انسپيڪٽر مسرت کوکر پوليس پارٽيءَ سان گڏ ڪارروائي ڪئي. گرفتار جوابدار عمر شهزاد کان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










