ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي ممبئي جي علائقي جوهو ۾ واقع رهائشگاهه ’جلسا‘ کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ملڻ کانپوءِ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ممبئي اختيارين کي مليل ڌمڪيءَ واري اي ميل ۾ شهر جي ڪيترن ئي اهم هنڌن سان گڏ اميتاڀ بچن جي رهائشگاهه جلسا جو نالو پڻ شامل هو. اطلاع ملڻ تي سيڪيورٽي ادارن لاڳاپيل هنڌن جي تلاشي ورتي، پر ڪا به شڪي شيءِ هٿ نه آئي. خبرون ڏيندڙ اداري اي اين آءِ موجب ڌمڪيءَ واري اي ميل ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ، بمبئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ مهالڪشمي ريس ڪورس جو نالو پڻ شامل هو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ سڀني هنڌن جو معائنو ڪيو، جڏهن ته پوليس اختيارين به ڪنهن شڪي مواد جي موجودگيءَ جي ترديد ڪئي آهي. اميتاڀ بچن جي رهائشگاهه کي ڪجهه هفتن دوران ٻيهر ڌمڪي ملي آهي.










