ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جام صادق پل تي تيز رفتار ڪار ٿنڀي سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ ٻئي روڊ تي وڃي ڪري پئي، جنهن سبب ٿنڀو به ڪري پيو، جڏهن ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.هڪ شهري دعويٰ ڪئي آهي ته ڪار سوار ڪيترين ئي گاڏين کي ٽڪر هڻي فرار ٿي رهيو هو. واقعي بابت پوليس جي جاچ جاري آهي.










