ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جو پهريون اجلاس گذريل ڏينهن 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ مختلف ادارن جي آفيسرن ۽ مير رضا جي گهرڀاتين شرڪت ڪئي. مير رضا جي وارثن ۽ وڪيل جبران ناصر ٻڌايو ته ڇنڇر ڏينهن رڳو مير رضا جي والد جو بيان قلمبند ڪيو ويو. وڪيل جبران ناصر جو چوڻ هو ته هنن پنهنجا خدشا جي آءِ ٽي آڏو رکيا آهن. فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڪردار جي تفصيلي جاچ ڪئي وڃي، جڏهن ته احمد ۽ عبدالله بهادر جي ڪردار جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ چيو ته ڪيس جي تفصيلي جاچ ڪئي ويندي ۽ نئين سر جاچ لاءِ پوليس توڙي ٻين ادارن جا عملدار ڪم ڪندا. ايندڙ اجلاس ۾ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي به طلب ڪيو ويندو.










