دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ فيس ليس عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو

دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ فيس ليس عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ فيس ليس عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب، صوبي ۾ پوليس جون 17 هزار خالي جايون ڀرڻ، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي صلاحيت 12 سيڪڙو مان وڌائي 37 سيڪڙو ۽ پوليس جي مجموعي صلاحيت 75 سيڪڙو تائين پهچائڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، پوليس کي درپيش عملي جي کوٽ، مالي وسيلن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 70 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. ان کان علاوه نئين تجويز ڪيل نظام تحت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ فيس ليس عدالتون قائم ڪيون وينديون. رپورٽ موجب، ججن، شاهدن، پوليس اهلڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي سڃاڻپ ڳجهي رکي ويندي، ته جيئن کين دهشتگردن يا سندن نيٽ ورڪ طرفان امڪاني خطرن کان محفوظ رکي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو