سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سندس خيال ۾ پاڪستان ۾ به انتظامي يونٽ ٺاهڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته صوبن جي نئين سر جوڙجڪ بابت تجويز گذريل ٻن مهينن کان بحث هيٺ آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ به انتظامي يونٽ ٺاهڻ گهرجن، جيئن سڄي دنيا ۾ ٿيندو آهي. جيڪڏهن 12 يونٽ ٺاهڻ جي تجويز آهي ته 12 ئي ٺاهيا وڃن، پر انهن جي جوڙجڪ ٻولي، نسل يا سياسي مفادن کي نظر ۾ رکي نه ڪئي وڃي.هن چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي وئي آهي، تنهنڪري ماڻهن کي سهولتون ملڻ گهرجن. افغانستان ۾ اڳ 8 کان 10 صوبا هئا، جن کي ورهائي 30 کان 32 صوبا ڪيو ويو. صوبائي گادي وارن شهرن جا اختيار انتظامي يونٽن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته سموري طاقت جو مرڪز لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور نه هئڻ گهرجي. خواجا آصف چيو ته مرڪز کان منتقل ٿيندڙ فنڊ صوبائي حڪومتن جي رحم ڪرم تي رهجي وڃن ٿا، جڏهن ته حقيقت ۾ انهن فنڊن جي منزل مڪاني ادارا آهن، پر مڪاني ادارا به صوبائي حڪومتن جي رحم ڪرم تي آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته سياستدانن کي سوچڻ گهرجي ته طاقت عوام جي امانت آهي، پر سياستدانن جو نقطه نظر اهو آهي ته سموري طاقت پاڻ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا.










