پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ
علامه اقبال جي پاڪستان بابت تصور کي جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏسجي ته ان جو بنيادي تعلق علم، شعور، فڪري آزادي ۽ انساني صلاحيتن جي تعمير سان نظر اچي ٿو. اقبال لاءِ آزاديءَ جو مطلب صرف سياسي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ نه هو، پر ذهني غلامي، فڪري جمود ۽ احساسِ ڪمتريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ پڻ هو. سندس نظر ۾ اهڙي قوم ئي پنهنجي تقدير پاڻ لکي سگهي ٿي، جيڪا علم حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي سوچ، تحقيق ۽ تخليقي صلاحيتن کي به ترقي ڏئي.
انهيءَ تناظر ۾ اعليٰ تعليم پاڪستان جي خواب جي تعبير جو سڀ کان اهم ذريعو بڻجي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي سياسي آزادي حاصل هجي، پر اها علم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۾ ٻين قومن جي محتاج هجي ته ان جي خودمختياري اڃا مڪمل نٿي ٿئي. حقيقي قومي خودمختياري تڏهن حاصل ٿئي ٿي، جڏهن ملڪ پنهنجي مسئلن جا حل پنهنجي علمي ۽ سائنسي صلاحيتن سان پيدا ڪرڻ جي قابل بڻجي.
اقبال جو فلسفو خودي به انهيءَ علمي خودمختياريءَ سان گهرو تعلق رکي ٿو. خوديءَ جو مطلب پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ، علم جي ذريعي پنهنجي شخصيت کي بلند ڪرڻ ۽ حالتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران انهن کي تبديل ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪرڻ آهي. يونيورسٽين جو بنيادي ڪم به اهو ئي هئڻ گهرجي ته اهي نوجوانن ۾ خوداعتمادي، تنقيدي سوچ، تحقيق ۽ تخليق جو جذبو پيدا ڪن.
پاڪستان جي تعليمي ادارن کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڊگريون حاصل ڪرڻ ۽ علم پيدا ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڊگري ڪنهن فرد جي تعليمي مرحلي جي تڪميل ٿي سگهي ٿي، پر علم جي تخليق قومن جي ترقيءَ جو بنياد هوندي آهي. اسان جي يونيورسٽين مان اهڙا محقق پيدا ٿيڻ گهرجن، جيڪي پاڻيءَ جي بحران، زرعي پسماندگي، معاشي عدم استحڪام، موسمياتي تبديلين، صحت ۽ صنعتي ترقيءَ جهڙن قومي مسئلن تي سائنسي بنيادن تي ڪم ڪري سگهن. اقبال جي خواب ۾ نوجوانن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندس شاهين جو تصور اهڙي نوجوان جي علامت آهي، جيڪو بلند مقصد رکي، آزاد سوچ رکي ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري. اڄ جي دور ۾ ان شاهين کي جديد سائنس، مصنوعي ذهانت، انجنيئرنگ، معاشي علم، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان نوجوانن کي جديد علم ۽ تحقيق جا موقعا فراهم نٿا ڪريون ته اقبال جي بلند پروازيءَ واري پيغام کي عملي صورت نٿا ڏئي سگهون.
هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان جون يونيورسٽيون اقبال جي تصورِ خوديءَ موجب آزاد ذهن پيدا ڪري رهيون آهن يا رڳو امتحان پاس ڪندڙ ڊگري يافته نوجوان؟ تعليمي ادارن ۾ سوال ڪرڻ، اختلافِ راءِ، دليل ۽ آزاد تحقيق جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ڇو ته علمي ترقيءَ جو بنياد سوال ڪرڻ ۽ نئين حقيقت جي ڳولا ۾ آهي.
پاڪستان جي خواب جي تعبير لاءِ اعليٰ تعليم کي قومي ترقيءَ جي مرڪزي پاليسيءَ جو حصو بڻائڻ لازمي آهي. يونيورسٽين جي تحقيق کي قومي معيشت، صنعت، زراعت ۽ سماجي ضرورتن سان ڳنڍڻ، استادن جي علمي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ نوجوانن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سنڌ جي يونيورسٽين کي به سنڌ جي مقامي مسئلن تي تحقيق جا اهڙا مرڪز بڻجڻ گهرجي، جيڪي علم کي عملي حل ۾ تبديل ڪري سگهن.
حقيقت ۾ اقبال جو خواب ۽ اعليٰ تعليم هڪ ٻئي کان الڳ ناهن. اقبال هڪ باشعور ۽ خوددار قوم جو تصور ڏنو، جڏهن ته اعليٰ تعليم اهڙي قوم جي تعمير جو بنيادي وسيلو آهي. جيڪڏهن تعليم ۾ تحقيق، جدت، اخلاقي تربيت ۽ قومي شعور شامل هوندا ته ئي پاڪستان پنهنجي نظرياتي ۽ علمي منزل ڏانهن اڳتي وڌي سگهندو. ان ڪري اڄ اسان جي ذميواري آهي ته اقبال کي رڳو شاعرِ مشرق جي حيثيت ۾ نه پڙهون، پر سندس فڪر کي تعليمي نظام جي رهنمائيءَ جو ذريعو بڻايون. پاڪستان جي خواب جي حقيقي تعبير ڪنهن سياسي نعري ۾ نه، پر اهڙي يونيورسٽيءَ ۾ آهي، جتي علم پيدا ٿئي، تحقيق سان مسئلا حل ٿين، نوجوانن جي صلاحيتن کي آزادي ملي ۽ استاد قوم جي فڪري قيادت جو ڪردار ادا ڪن.
مختصر طور تي اھو ئي چوندس ته پاڪستان جو خواب سياسي آزاديءَ سان شروع ٿيو هو، پر ان جي تڪميل علمي خود مختياري، معياري اعليٰ تعليم ۽ خوددار نسل جي تعمير سان ئي ممڪن آهي.










