لاهور)ويب ڊيسڪ) مزار اقبال تي گارڊز جي تبديليءَ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان نيوي جو لاهور ۾ اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور مصباح الامين خاص مهمان هو. پاڪستان نيوي جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور مصباح الامين مزار اقبال تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. خاص مهمان گارڊز ۾ شامل پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ بحريه جي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي پاڪ بحريه جي چاق چوبند دستي مزار اقبال تي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا. وفاقي وزير احسن اقبال پڻ مزار اقبال تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.










