ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ انڊر 19 جي گروپ ميچ ۾ پاڪستان، ڀارت کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. حمزه ظهور سينچري اسڪور ڪري ميچ کٽائي ورتي. ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي هي لڳاتار ٻئي فتح آهي، اڳ ۾ هنن گڏيل عرب امارات کي شسڪت ڏني هئي. 19 سالن کان گهت عمر جي رانديگرن جي ايشيا ڪپ ۾ ڪل 8 ٽيمون آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، يو اَي اِي ۽ نيپال شامل آهن. جڏهن ته گروپ بي ۾ افغانستان، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ملائيشيا شام آهن. هر ٽيم ٽي ٽي ميچ کيڏندي ۽ هر گروپ مان ٻه ٻه ٽيمون اڳئين مرحلي ۾ پهچنديون. عمان ۾ کيڏيل اڄوڪي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 46.3 اوورن ۾ پوري ٽيم 208 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي. ڀارت جي پنجين نمبر تي بيٽنگ ڪندڙ ارجن راجپوت 85 بالن تي 107 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اوپنر آرياوير سهواگ 22 ۽ نائين نمبر واري ڪاويا پٽيل 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پاڪستاني بالرز مان علي رضا پهرين اوور ۾ اوپنر لڪشي راجيش رائچنداڻي، جيڪو نالي مان سنڌ لڳي رهيو آهي کي زيرو تي بولڊ ڪري بريڪ ٿرو ڪيو. علي رضا، رضوان الله ۽ نقيب شفيق ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ محمد صيام ورتي. پاڪستان جا ٽاپ پنج بيٽسمين 46 رنز ٺاهي سگهيا جنهن بعد ڇهين نمبر تي بيٽنگ لاءِ آيل حسنين ڊار 38 ۽ ستين نمبر واري وڪٽ ڪيپر بيٽر حمزه ظهور 100 رنسون ٺاهي نمايان ڪردار ادا ڪيو. حمزه 108 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 100 ناٽ آئوٽ رهيو. اوپنر عثمان خان 16 ۽ ون ڊائون عبدالقادر 20 رنز ٺاهي سگهيا. پاڪستان گروپ جو آخري ميچ نيپال سان کيڏندو. نيپال اڳ ۾ ئي 2 ميچ هارائي چڪو آهي. ڀارت گروپ جو آخري ميچ يو اي اي سان کيڏندو.










