علامه محمد اقبال کي نوجوان نسل تي غيرمعمولي اعتماد هو: وزيراعظم

علامه محمد اقبال کي نوجوان نسل تي غيرمعمولي اعتماد هو: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته علامه محمد اقبال کي نوجوان نسل تي غيرمعمولي اعتماد هو ۽ هو نوجوانن کي قوم جي مستقبل جو معمار سمجهندا هئا. علامه محمد اقبال جي يومِ پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مفڪر پاڪستان علامه محمد اقبال کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته علامه اقبال اسلامي تعليمات جي فڪري پهلوئن کي بحث جو موضوع بڻايو، جڏهن ته سندس اسلامي فڪر مسلمانن کي عملي رهنمائي فراهم ڪري ٿو. انهيءَ منفرد سڃاڻپ جي شعور ئي وطن جي حصول واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته نوجوانن لاءِ اقبال جي شاهين واري تصور ۾ بهادري، خودمختياري ۽ ڪمال حاصل ڪرڻ جو عزم سمايل آهي.شهباز شريف چيو ته فڪر اقبال پائيدار قومي ترقي لاءِ امن، سماجي هم آهنگي، رواداري ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو