بنون(ويب ڊيسڪ) بنون جي علائقي جهنڊو خيل ۾ پراڻي دشمنيءَ تان ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب، مارجي ويلن ۾ 2 ڀائر پڻ شامل آهن، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمنيءَ سبب پيش آيو، جنهن جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










