اميتاڀ بچن هٿ ۾ تڪليف هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

اميتاڀ بچن هٿ ۾ تڪليف هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن پنهنجي صحت بابت تازيون ڄاڻون شيئر ڪري ڇڏيون آهن. اميتاڀ بچن تازو ئي پنهنجي مشهور ٽي وي شو ’ڪون بنيگا ڪروڙ پتي 18‘ جي شوٽنگ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مداحن ۾ سندس صحت بابت ڳڻتي پيدا ٿي وئي هئي. اداڪار پنهنجي تازي بلاگ ۾ هٿ ۾ تڪليف هجڻ جو انڪشاف ڪندي مداحن ۽ خيرخواهن جي خطن جا جواب ڏيڻ ۾ دير ٿيڻ تي معذرت ڪئي آهي. اميتاڀ بچن لکيو ته کيس مداحن طرفان مبارڪباد جا پيغام ۽ تحفا وڏي انگ ۾ ملي رهيا آهن، ايتري قدر جو هاڻي اهي تحفا رکڻ لاءِ به جاءِ جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته انهن تحفن کي مناسب نموني محفوظ نه رکڻ، موڪليندڙن جي محبت جي بي قدري هوندي. هن وڌيڪ لکيو ته هو هر مداح کي ذاتي طور خط ذريعي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر لکڻ واري هٿ ۾ تڪليف سبب جوابي خط لکڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن تي هو معذرت خواه آهي. اداڪار پنهنجي بلاگ ۾ معافي گهرڻ جي موضوع تي به خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته انسان کي معافي گهرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ٻيو شخص اها معافي قبول ڪري يا رد ڪري، پر انسان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ضرور چوڻ گهرجي. اميتاڀ بچن موجب، جيڪڏهن ڪو شخص معافي کي سمجهي قبول ڪري ته خوشي ٿيندي، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻئي شخص جو ذهن مونجهاري جو شڪار رهندو. هن وڌيڪ لکيو ته سوال اهو آهي ته انسان خوشي ۽ اطمينان کي چونڊي يا دل ۾ رنجش برقرار رکي، ڇاڪاڻ ته هڪ رستو سڪون ۽ اطمينان ڏئي ٿو، جڏهن ته ٻيو دل ۾ مسلسل چڀڻ جو احساس ڇڏي وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو