هر شهري کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لازمي آهي: وڏو وزير

هر شهري کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لازمي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جي شهرين کي صاف، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد شهر سکر کي اڃايل نٿو ڇڏي سگهجي. آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ سکر واٽر سپلاءِ رٿا ۽ ان جي تجويز ڪيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) ماڊل جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته صاف ۽ محفوظ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ۽ سکر جي عوام کي پاڻي جي فراهمي بابت ڊگهي عرصي کان درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، سيڙپڪاري ۽ پي پي پي يونٽ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد، سکر جو ميئر ارسلان شيخ، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم شاهه، مڪاني ادارارن وارو سيڪريٽري وسيم شمشاد، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پي پي پي يونٽ اسد ضامن ۽ سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جتن ڪمار شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته 1998ع کان 2023ع تائين سکر جي آبادي ۾ لڳ ڀڳ 68 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي شهر جي ھاڻوڪي ۽ مستقبل جي گھرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ جديد واٽر سپلاءِ نظام جوڙڻ انتهائي ضروري آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته آبادي ۾ واڌ، شهري پکيڙ ۽ پاڻي جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي منصوبي جي رٿابندي ڪئي وڃي، ته جيئن هر گهر تائين صاف ۽ محفوظ پيئڻ جو پاڻي پهچي سگهي.

سکر کي سسٽر سٽي بڻائڻ جو تصور
سکر جي ترقي بابت پنهنجي وسيع تر ويزن جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته سکر کي چين جي يانگسي درياهه جي ڪناري آباد شهر ييچانگ (Yichang) سان سسٽر سٽي بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. هن چيو ته ان تجويز سان چيني شهر جي ترقياتي تجربن مان سکڻ جو موقعو ملندو ۽ سکر کي جديد ۽ منظم شهري مرڪز بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه جي ڪناري آباد هجڻ سبب سکر جي هڪ منفرد سڃاڻپ آهي. جڏهن اسان يانگسي درياهه جي ڪناري آباد چيني شهر ييچانگ سان سسٽر سٽي وارو تعلق قائم ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيون ته اسان کي سکر جي ترقي اهڙي انداز ۾ ڪرڻي پوندي، جيڪا شهر جي پنهنجي انفراديت ۽ صلاحيتن جي عڪاسي ڪري. هن چيو ته سکر بئراج جي بهتري ۽ شهر جي ترقي گڏجي جديد شهري سهولتن، قدرتي حسن ۽ ڀرپاسي جي ٻهراڙي واري ماحول جو هڪ شاندار سنگم پيدا ڪري سگهن ٿا. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي، پي پي پي يونٽ ۽ سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (ايس ڊبليو ايس سي) کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي عملي ۽ پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌايو وڃي، جڏهن ته عوامي مفاد، صارفين جي حقن جو تحفظ ۽ معياري سهولتن جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏني وڃي.

رٿا تحت روزانو 40 کان 50 ملين گيلن پاڻي صاف ڪرڻ جي گنجائش
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رٿا تحت روزانو 40 کان 50 ملين گيلن پاڻي صاف ڪرڻ جي گنجائش رکي وئي آهي. وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پاڻي صاف ڪرڻ جي تجويز ڪيل گنجائش ۽ سيڙپڪاري جو تعين حقيقي ضرورتن جي جائزي، مضبوط فني رٿابندي ۽ آپريشنل تيارين جي بنياد تي ڪيو وڃي. رٿا ۾ ھاڻوڪي واٽر ٽريٽمينٽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ پڻ شامل آهي، جنهن ۾ بکر ٻيٽ، بندر روڊ، نمائش گاهه ۽ ايئرپورٽ روڊ تي قائم پاڻي صاف ڪرڻ جون سهولتون شامل آهن. ان سان گڏ پاڻي جي پمپنگ ۽ ورڇ واري نظام کي به بهتر بڻايو ويندو. وڏي وزير زور ڀريو ته رٿا جي جوڙجڪ سکر جي پاڻي جي حقيقي گھرجن مطابق ڪئي وڃي ۽ ان ۾ مرحليوار واڌ جي حڪمت عملي شامل هجي، ته جيئن پاڻي جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ سان گڏ آپريشنل ڪارڪردگي ۽ مالي استحڪام پڻ برقرار رهي.

پاڻي جي ورڇ جو نيٽ ورڪ وڌائڻ جي هدايت
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ھاڻوڪي ورڇ وارو نظام شهر جي لڳ ڀڳ 60 کان 70 سيڪڙو پاڻي جي گهرج پوري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 2 ارب 14 ڪروڙ رپين جي هلندڙ اي ڊي پي اسڪيم مڪمل ٿيڻ سان پاڻي جي فراهمي جو دائرو وڌي 80 کان 90 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اميد آهي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري کاتي، سکر جي ميئر ۽ سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته پاڻي صاف ڪرڻ جي گنجائش ۽ ورڇ واري نظام جي بهتري جا ڪم گڏوگڏ اڳتي وڌايا وڃن. هن چيو ته رڳو پاڻي جي پيداوار وڌائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيستائين صاف ڪيل پاڻي شهر جي سمورن علائقن ۾ گهرن تائين نه پهچندو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي رهيل معاملن کي حل ڪرڻ، رٿا تي عملدرآمد لاءِ مقرر ڪيل مدي تي سختي سان عمل ڪرڻ ۽ هر مرحلي تي شفافيت، جوابدهي ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پاران گڏيل سهڪار سان عملدرآمد جي خاطري
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر، بهتر سهولتن ۽ جديد انتظامي نظام ذريعي سکر جي پاڻي جي فراهمي واري نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سکر شهر ۽ نيو سکر جي گڏيل شهري آبادي ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ سالن ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. هن چيو ته رهائشي علائقن جي وڌندڙ پکيڙ ۽ پاڻي جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي هڪ قابلِ اعتماد واٽر سپلاءِ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ پاڻي صاف ڪرڻ جي مناسب گنجائش ۽ اثرائتو ورڇ وارو نظام پڻ هجڻ گهرجي. ناصر حسين شاهه وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته مڪاني ادارن وارو کاتو، سکر جو ميئر ۽ سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن منصوبي تي اثرائتي عملدرآمد لاءِ ويجهي رابطي ۽ مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪندا.

صاف پاڻي جي فراهمي عوامي صحت جي اولين ترجيح
وڏي وزير چيو ته صاف پيئڻ جي پاڻي تائين پهچ جو سڌو سنئون تعلق عوامي صحت، ٻارن جي بهتر نشونما ۽ زندگي جي مجموعي معيار سان آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته رٿا کي رڳو انفراسٽرڪچر جي ترقي وارو منصوبو نه سمجهيو وڃي، پر ان کي عوامي خدمت جي هڪ اهم ۽ ترجيحي رٿا طور ورتو وڃي. سندس حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سکر جا ماڻهو هڪ اعتماد جوڳو ۽ جديد واٽر سپلاءِ نظام جا حقدار آهن. هن مڪاني ادارن واري کاتي، پي پي پي يونٽ، سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي گڏجي ڪم ڪرڻ، رهيل مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته رٿا سان شهرين جي روزاني زندگي ۾ حقيقي ۽ نمايان بهتري اچي. وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد سکر جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشانين کي منهن نه ڏيڻ گهرجي. اسان جو عزم آهي ته هر گهر تائين صاف ۽ محفوظ پاڻي پهچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو