تربيلا ڊيم جو ھڪ حصو ڪري پيو، ڪم بند، سنڌوءَ ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري

تربيلا ڊيم جو ھڪ حصو ڪري پيو، ڪم بند، سنڌوءَ ۾ چاڙهه جو الرٽ جاري

هريپور (ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم جي واڌو پن بجلي منصوبي ۾ ڪنيڪٽنگ ٽنل جي سيڪنڊ بينچ جي کوٽائي دوران جبل جي ڪمزور حصي جو هڪ ٽڪرو ڪِري پيو، جنهن سبب ان ٽيڪ پٽ مان پاڻي ٽنل ۽ پاور هائوس ۾ داخل ٿي ويو.ڊپٽي ڪمشنر هريپور موجب، ٽي فائيَو جي بند جو هڪ حصو ٽٽڻ سبب ٽنل نمبر 5 ۾ پاڻي ڀرجي ويو، واقعي کانپوءِ منصوبي تي ڪم ڪندڙ سمورن پرڏيهي ۽ پاڪستاني پورهيتن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو. ٻئي پاسي واپڊا جي ترجمان تربيلا جي ٽنل نمبر 5 ڪرڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ٽيڪ پٽ مان پاڻي مڪمل طور ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڏاوت هيٺ پاور هائوس مان پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي. ترجمان موجب، منصوبي جي مين ٽنل، تعمير هيٺ پاور هائوس، ٽيل ريس ڪلورٽ ۽ سوئچ يارڊ کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي، واپڊا جا سينيئر عملدار، ڪنسلٽنٽ ۽ ٺيڪيدار صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن. ذريعن موجب، حادثي کانپوءِ توسيعي پن بجلي منصوبي تي ڪم عارضي طور روڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ جي خدشي سبب انتظاميا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر هريپور جو چوڻ آهي ته ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن دوران سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ چاڙهه جو امڪان آهي. درياهه جي ڪنڌين سان رهندڙ شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ ۽ پنهنجا مال متاع ترت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو