واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اين ويڊيا (Nvidia) جي سربراهه جينسن هوانگ شاديءَ کانسواءِ هڪ عورت سان جنسي لاڳاپو رکڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سندس ڪمپني ان اعلان سان گڏ اهو به چيو آهي ته هوءَ انهن رپورٽن جي جاچ ڪندي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جينسن هوانگ کي ”پرڏيهي انٽيليجنس جي هڪ ڪارروائيءَ جو نشانو“ بڻايو ويو هو.
اهي ٻئي الڳ الڳ بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن سنگاپور ۾ قائم ٽيڪنالاجي ڪمپني ميگاسپيڊ (Megaspeed) جي هڪ ايگزيڪيوٽو ايلس هوانگ سان جينسن هوانگ جي ويجهن لاڳاپن بابت خدشا وڌي رهيا آهن. آمريڪا جي ڪيترن ئي ميڊيا ادارن رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪي عملدارن کي شڪ آهي ته ايلس هوانگ، جنهن جو جينسن هوانگ سان ڪو خانداني تعلق ناهي، چين کي ڳجهي معلومات فراهم ڪئي ۽ جديد مصنوعي ذهانت (AI) وارا چِپس چين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.
هي تڪرار دنيا جي ٻئي وڏي ڪمپني ۽ مصنوعي ذهانت جي تيزيءَ سان وڌندڙ صنعت جي اهم علامت سمجهي ويندڙ اين ويڊيا تي ماڻهن جي اعتماد کي متاثر ڪري سگهي ٿو. اهو معاملو اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا ۽ چين ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن.
اين ويڊيا جي ملازمن ڏانهن موڪليل هڪ پيغام ۾ جينسن هوانگ چيو ته هن پنهنجي زال سان بي وفائي ڪئي ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڏک پهچايو. هن پنهنجي ان لاڳاپي ۾ شامل ٻي عورت جو نالو ظاهر نه ڪيو.
63 ورهين جي هوانگ چيو ته ”مان پنهنجي ڪيل عمل ۽ ان سان پهتل ڏک جي مڪمل ذميواري قبول ڪريان ٿو، ۽ ان تي ٿيندڙ تنقيد به قبول ڪريان ٿو.“ هن وڌيڪ چيو ته هو اين ويڊيا جي جاچ جي حمايت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ”مان اين ويڊيا جي تحفظ ۽ آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي حمايت لاءِ پرعزم آهيان.“
ٻئي طرف، ڪمپني آچر ڏينهن جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ته آزاد ڊائريڪٽرن جي هڪ ڪميٽي ۽ ٻاهران مقرر ڪيل قانوني صلاحڪار هن معاملي جي جاچ جي نگراني ڪندا.
بيان ۾ چيو ويو ته ”بورڊ آمريڪا جي قومي ۽ معاشي سلامتيءَ کي اوليت ڏئي ٿو، جيڪا اين ويڊيا ۽ ان جي شيئر هولڊرن جي مفادن لاءِ انتهائي اهم آهي.“ تنهن هوندي به بورڊ جو چوڻ هو ته ”هن وقت وٽن اهو مڃڻ جو ڪو سبب ناهي ته قومي سلامتي يا اين ويڊيا جا ڳجها راز متاثر ٿيا آهن.“
مرچنٽ بئنڪ يارڪ وِل اينڊ آئيِوز ڪمپنيءَ جي پارٽنر ۽ سينيئر مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊين آئيِوز پنهنجي هڪ نوٽ ۾ هن خبر کي ”جينسن لاءِ بدناميءَ جو وڏو ڌڪ“ قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ان واقعي کان پوءِ چين کي چِپس وڪرو ڪرڻ جي معاملي تي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ٿيندي، جڏهن ته هوانگ اڳ ۾ انهن وڪرن جي حمايت ۾ لابنگ به ڪندو رهيو آهي.
آئيِوز وڌيڪ چيو ته هن جاچ سبب اين ويڊيا جي شيئرن جي قيمت تي به اثر پئجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سيڙپڪار اهو سوال اٿاريندا ته ڇا هوانگ ان ڪمپنيءَ جي سربراهي جاري رکندو، جنهن جي قيام ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
اين ويڊيا جي ترجمان سي اين اين کي ٻڌايو ته ”اڄ جي خبر سان اين ويڊيا جي ڪم جي رفتار متاثر نه ٿيندي. جينسن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪمپنيءَ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) طور قيادت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.“
ٽيڪنالاجيءَ جي صحافي ۽ سي اين اين جي مددگار جيڪب وارڊ چيو ته ماضيءَ ۾ ڪمپنين جا بورڊ عام طور تي اهڙن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي ڪجهه ئي ڏينهن اندر عهدي تان هٽائي ڇڏيندا آهن، جيڪي شاديءَ کان ٻاهر لاڳاپن ۾ ملوث هجڻ سبب سامهون اچي وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت جي ترقي، عالمي معاشي واڌ ۽ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ غيرمعمولي اهميت رکندڙ اين ويڊيا جي مستقبل بابت ڪنهن به بنيادي سوال جا معاشي ۽ جيوسياسي اثر تمام وڏا ٿي سگهن ٿا. هن معاملي جو هڪ ٻيو غيرمعمولي پهلو اهو به آهي ته جينسن هوانگ کان پوءِ ڪمپنيءَ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ ڪو واضح جانشين موجود ناهي.
وارڊ چيو ته ”اها ڪمپني هن وقت آمريڪي معيشت، بلڪه عالمي معيشت جو به بنيادي حصو آهي. اهڙي ڪمپنيءَ جو سربراهه، جيڪو انهن سمورن معاملن ۾ انتهائي مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، اوچتو هن قسم جي صورتحال ۾ ڦاسي پوي، خاص طور تي جيڪڏهن اهو به ظاهر ٿئي ته هن معاملي بابت هو بي ايمانيءَ سان ڪم ورتو آهي، ته اها انتهائي وڏي ڳالهه آهي.“
چين سان لاڳاپن جو معاملو
ايلس هوانگ ۽ ميگاسپيڊ سان جينسن هوانگ جي لاڳاپن تي سخت ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ميگاسپيڊ، جيڪا اين ويڊيا کان چِپس خريد ڪري ٿي، آمريڪي سيميڪنڊڪٽرز چين تائين پهچائڻ جو هڪ امڪاني ذريعو ٿي سگهي ٿي، باوجود ان جي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي برآمد تي پابنديون لاڳو آهن.
ان کان اڳ فنانشل ٽائمز رپورٽ ڪيو هو ته آمريڪي انٽيليجنس ادارن جو خيال آهي ته جينسن هوانگ ۽ ايلس هوانگ وچ ۾ رومانوي لاڳاپا آهن.
اين ويڊيا پنهنجي هڪ اڳوڻي بيان ۾ چيو هو ته جينسن هوانگ جون ملاقاتون ”نه غيرمعمولي آهن ۽ نه ئي غيرمتوقع. گراهڪن سان ملاقاتون هڪ چيف ايگزيڪيوٽو جي ذميوارين جو حصو آهن؛ جينسن هر سال هزارين گراهڪ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽوز سان ملاقاتون ڪندو آهي.“
ڪمپني وڌيڪ چيو هو ته غيرقانوني طريقي سان چِپس ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ بابت خدشا ”گذريل سال ئي غلط ثابت ٿي چڪا آهن.“
هوانگ هڪ اڳوڻي انٽرويو ۾ مذاق ڪندي ٻڌايو هو ته هن پنهنجي زال لوري هوانگ کي ڪيئن متاثر ڪيو. هو ڪاليج ۾ سندس ملاقات وقت 17 سالن جو هو، جڏهن ته لوري 19 سالن جي هئي. هوانگ کيس پڙهائيءَ جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ واعدو ڪيو هو ته هو 30 سالن جي عمر تائين ڪنهن ڪمپنيءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻجي ويندو. ٻنهي 1985ع ۾ شادي ڪئي ۽ کين ٻه ٻار آهن.
1993ع ۾ هن اين ويڊيا جو گڏيل بنياد وڌو. مصنوعي ذهانت جي عروج سبب ڪمپيوٽر چِپس جي گهرج ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپنيءَ جي مارڪيٽ قدر (Market Capitalization) وڌي 4 ٽريلين ڊالرن کان به وڌيڪ ٿي وئي.
ان کان پوءِ هوانگ ڪمپنيءَ جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ مصنوعي ذهانت جي تيزيءَ سان وڌندڙ ڪاروبار جي هڪ نمايان شخصيت طور سامهون آيو. هلندڙ سال جي شروعات ۾ هوانگ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ ڪيترن ئي مشهور ڪمپنين جي سربراهن جي وفد ۾ شامل ٿي بيجنگ ويو هو، جتي هنن چين جي اڳواڻ شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي.
ايشيا گروپ ۾ ڊجيٽل شعبي جي سربراهه ۽ پارٽنر جارج چن سومر ڏينهن پنهنجي هڪ نوٽ ۾ لکيو ته ”اين ويڊيا ۽ جينسن هڪ ٻئي سان گهريءَ طرح جڙيل آهن. ڪيترائي ماڻهو چوندا ته جينسن کان سواءِ اين ويڊيا اڳ جهڙي نه رهندي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن جينسن سڀاڻي اوچتو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته اهو اين ويڊيا جي شيئر هولڊرن ۽ صنعت جي ڀائيوارن جي بهترين مفادن ۾ نه هوندو.“
هلندڙ سال جي شروعات ۾ رائٽرز رپورٽ ڪيو هو ته آمريڪي حڪومت 10 چيني ڪمپنين کي اين ويڊيا جا ٻئي نمبر تي طاقتور ترين مصنوعي ذهانت وارا چِپس خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. پر اهو واضح ناهي ته اجازت ملڻ کان پوءِ حقيقت ۾ ڪيترا چِپس وڪرو ڪيا ويا آهن.
آچر ڏينهن ٽرمپ صحافين کي ٻڌايو ته اين ويڊيا پاران جاچ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ هن جينسن هوانگ سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي، پر هن هوانگ کي ”سٺو ماڻهو“ قرار ڏنو ۽ ملڪ لاءِ سندس خدمتن جي واکاڻ ڪئي.
جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا گذريل سال مبينا جاسوسيءَ بابت انٽيليجنس ڄاڻ ملڻ کان پوءِ کيس ڪو قدم کڻڻ گهرجي ها، ته هن جواب ڏنو: ”نه، منهنجو خيال آهي ته ائين ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. منهنجي خيال ۾ هو هڪ بااصول ماڻهو آهي. شايد وٽس ان جو ڪو جواز به هوندو.“
خميس ڏينهن آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ٽن اهم ڪميٽين ــ پرڏيهي معاملن، چيني ڪميونسٽ پارٽي ۽ انٽيليجنس بابت ڪميٽين ــ جي ريپبلڪن چيئرمينن هڪ پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ته هنن جينسن هوانگ کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ کيس پنهنجي ڪميٽين آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. کين ميگاسپيڊ سان سندس لاڳاپن ۽ پرڏيهي جاسوسيءَ کان ڪمپنيءَ جي تحفظ لاءِ اختيار ڪيل حفاظتي قدمن بابت سوال پڇڻا آهن.
ڪميٽين جي چيئرمينن لکيو ته ”تازين رپورٽن ۾ آمريڪا جي قومي سلامتيءَ بابت اهم خدشا سامهون آيا آهن، خاص طور تي چين جي عوامي جمهوريه (PRC) جي حساس آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ معلومات تائين رسائي جي حوالي سان. هن ڪانگريس جي موجوده دور ۾ چين جي مداخلت ۽ جديد ترين آمريڪي ٽيڪنالاجي تائين ان جي پهچ جو معاملو اسان جي ٽنهي ڪميٽين جي جاچ واري ڪم جو بنيادي حصو آهي.“
چين جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان گوو جياڪون سومر ڏينهن چيو ته ايلس هوانگ بابت اهو الزام ته هوءَ بيجنگ لاءِ معلومات گڏ ڪري رهي هئي، ”مڪمل طور بي بنياد قياس آرائي ۽ چين کي بدنام ڪرڻ ۽ ان جي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.“
چين جي سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ اخبار دي گلوبل ٽائمز آمريڪي ميڊيا ادارن تي الزام هنيو ته اهي اهڙيون ڪهاڻيون گهڙي رهيا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي عمل کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
چيني سوشل ميڊيا تي هوانگ پاران پنهنجي زال سان بي وفائيءَ جو اعتراف سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آيل موضوعن مان هڪ بڻجي ويو، جنهن کي ايڪس (X) جهڙي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ويبو (Weibo) تي 40 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو. تنهن هوندي به، ايلس هوانگ جي چيني جاسوس طور ڪم ڪرڻ واري الزام جو سخت ڪنٽرول هيٺ هلندڙ آن لائين بحثن ۾ تقريباً ڪو ذڪر ئي نه هو.










