حيدرآباد (ن س) جيئي سنڌ رهبَر ڪميٽيءَ جو سربراهي اجلاس سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 22 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين جي شرڪت سان وحدت سنڌ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسلم خيرپوري، نواز زنئور، شبير جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 22 نومبر تي وحدت سنڌ مارچ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کي ماءُ سمجهندڙ سمورن سنڌين کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، ان ڏينهن سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ جي وحدت خلاف سازشن جي مزاحمت لاءِ متحد بيٺل هجڻ جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچائيندو.ھنن چيو ته پنجاب ۽ وفاقي حڪمران سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، سنڌ جي مالي وسيلن تي قبضو ڪرڻ، سامونڊي پٽي هڙپڻ ۽ سنڌ جي معاشي طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ وار ڪيا پيا وڃن، جن خلاف سمورا سنڌي متحد آهن. اڳواڻن چيو ته 22 نومبر تي وحدت سنڌ مارچ ذريعي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.










