اياز صادق جي اويس شاهه سان ملاقات، سنڌ اسيمبلي جو دورو

اياز صادق جي اويس شاهه سان ملاقات، سنڌ اسيمبلي جو دورو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ قومي اسيمبلي جي سينيئر ميمبر مير اعجاز خان جکراڻي سان گڏ سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ قانونسازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ پڻ موجود هئا. ٻنهي اسپيڪرن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، پارلياماني ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ جديد پارلياماني ترقي بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه وفد کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخي اهميت بابت آگاهه ڪيو، جتي 3 مارچ 1943ع تي هڪ الڳ مسلم رياست جي قيام جي حق ۾ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر وفد کي سنڌ اسيمبلي جي تاريخي ايوان ۽ موجوده اسيمبلي جي عمارت جو دورو پڻ ڪرايو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران ڪيل آجيان ۽ ميزباني کي ساراهيو.ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر معزز مهمانن کي سنڌ اسيمبلي جي ليگيسي شيلڊ، سنڌ ۽ ان جي قانونساز اسيمبلي جي تاريخ بابت ڪتاب، روايتي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو