لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ خلع ۽ تشدد جي بنياد تي نڪاح ختم ڪرڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته مڙس پاران گهرواريءَ کي جسماني، ذهني يا جذباتي تشدد جو نشانو بڻائڻ ظلم جي زمري ۾ اچي ٿو. عدالت واضح ڪيو ته ظلم ۽ تشدد جي بنياد تي شادي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ عورت حق مهر کان محروم نه ٿيندي، جڏهن ته مڙس کي گهرواريءَ کي 5 لک رپيا خاص هرجاڻو ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ملتان بئنچ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال عورت مريم ظفر جي درخواست تي 10 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت هيٺين عدالتن پاران خلع جي بنياد تي نڪاح ختم ڪرڻ وارن فيصلن ۾ ترميم ڪندي مڙس جي ذهني ۽ جسماني تشدد جي بنياد تي نڪاح ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ظلم ۽ تشدد جو تصور رڳو جسماني تشدد تائين محدود ناهي، پر ان ۾ ذهني ۽ جذباتي اذيت پڻ شامل آهي. ذهني تڪليف ڏيڻ، تذليل ڪرڻ، توهين آميز رويو اختيار ڪرڻ ۽ مسلسل نظرانداز ڪرڻ به ظلم جي زمري ۾ اچي ٿو. ازدواجي زندگيءَ ۾ اعتماد، احترام ۽ هڪ ٻئي جي عزت بنيادي اهميت رکن ٿا. فيصلي موجب عورت عدالت کي ٻڌايو ته شاديءَ جا ٻه سال گذرڻ باوجود اولاد نه ٿيڻ تي کيس مسلسل مهڻا ڏنا ويندا هئا. مڙس ۽ زال رضاڪاراڻي طور طبي معائنو ڪرايو، جن جي رپورٽن ۾ مڙس اندر اولاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت بابت نقص سامهون آيو. عورت مڙس کي علاج ڪرائڻ جو مشورو پڻ ڏنو، پر هو طبي طور صحتمند قرار نه ڏنو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته هيٺين عدالتن عورت جي بيان، شاهدن ۽ طبي رپورٽن جو درست نموني جائزو نه ورتو، جڏهن ته عورت شاهدين ذريعي مڙس پاران جسماني ۽ ذهني تشدد کي ثابت ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ عورت کي نڪاح نامي ۾ طئي ٿيل حق مهر وصول ڪرڻ جي حقدار قرار ڏيندي مڙس کي 5 لک رپيا خاص هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. فيصلي موجب عورت 2020ع کان پنهنجي حق مهر، ڏاج ۽ نڪاح ختم ڪرائڻ سميت قانوني حقن جي حاصلات لاءِ ڪيس وڙهي رهي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ واضح ڪيو ته ازدواجي رشتي ۾ ذهني ۽ جذباتي تشدد کي به قانوني طور ظلم تصور ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙي بنياد تي نڪاح ختم ٿيڻ جي صورت ۾ عورت پنهنجي طئي ٿيل حق مهر جي حقدار رهندي.










