ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت غيرقانوني اڏاوتن خلاف وڏو حڪم جاري ڪندي سمورين غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت فوري طور بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. حڪم نامي موجب اسٽي آرڊر هيٺ آيل عمارتن تي به تعميراتي ڪم فوري طور بند ڪيو ويندو، جڏهن ته غيرقانوني ۽ غيرآباد عمارتون ڊاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا ۽ ڊاهڻ وارين ڪميٽين کي غيرقانوني عمارتن خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسٽي وارن ڪيسن جي پيروي کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو ويندو.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائيندو. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بلال احمد ميمڻ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.










