8 عورت ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

8 عورت ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 27 نومبر 2026ع تي 2026-27ع جي سيزن لاءِ 8 عورت ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪي 30 جون 2027ع تائين لاڳو رهندا.منيبہ علي صديقي، نشره سنڌو ۽ سدره امين کي ڪيٽيگري بي ۾ برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته عائشه ظفر، گل فيروزه ۽ صدف شمس کي ڪيٽيگري سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.پي سي بي موجب، فاطمه ثنا ۽ سعديه اقبال کي مسلسل بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ ڪيٽيگري اي ۾ رکيو ويو آهي.سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگريز جو تعين رانديگرياڻين جي تازي فارم، فٽنيس ۽ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. عورت ڪرڪيٽرن جا سينٽرل ڪانٽريڪٽ 30 جون 2027ع تائين اثرائتا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو