سنڌ ۾ غربت ۽ مهانگائي سبب مردن ۾ نسبندي ڪرائڻ جي رجحان ۾ واڌ

سنڌ ۾ غربت ۽ مهانگائي سبب مردن ۾ نسبندي ڪرائڻ جي رجحان ۾ واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)غربت ۽ مهنگائي جي شرح ۾ لڳاتار واڌ بعد سنڌ ۾ خانداني رٿا بندي لاءِ مردن ۾ نس بندين جو رجحان وڌي رهيو آهي.
بي بي سي جي رياض سهيل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سنڌ جي آبادي جي ڀلائي واري کاتي موجب 2021 مردن جي نس بندي جا 24 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جيڪي 2025 ۾ 4 هزار کان مٿي ٿي ويا. هلندڙ سال سيپٽمبر تائين سنڌ ۾ 3909 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پنجاب ۾ 11 ۽ ڪي پي ڪي مان هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
گڏيل قومن موجب 2025 ۾ پاڪستان جي آبادي 25 ڪروڙ 52 لک جي لڳ ڀڳ هئي. ورلڊ فرٽيلٽي رپورٽ موجب 2024 ۾ پاڪستان اندر افزائش نسل جي شرح 3.55 هئي، يعني هر بالغ عورت ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جي شرح هئي.
صحت جي عالمي اداري جر رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2023 جي ڊيٽا موجب ٻار پيدا ڪرڻ وقت عورتن ۾ موت جا 11 هزار کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا، يعني روزانو 27 عورتن جو موت ٿيو.
رپورٽ موجب 4 ٻارن جو والد عمران احمد جناح اسپتال ۾ پنهنجي نسبندي لاءِ آيو هو. جنهن بي بي سي کي ٻڌايو ته هو پنهنجي گهرواري جي نسبندي ڪرائڻ چاهي پيو پر کيس ٻڌايو ويو ته مرد به پنهنجي نسبندي ڪرائي سگهن ٿا.
عمران موجب جنهن بعد هن گهرواري سان صلاح ڪرڻ بعد گهرواري بدران پنهنجي نسبندي جو فيصلو ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس گهر واري بيمار رهندي آهي ان ڪري هن پاڻ فيصلو ڪيو، جيئن پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪري سگهي.
رپورٽ موجب ڪورنگي جي 38 سالن جي ڄمار واري احمد خان ٻڌايو ته سندس 2 گهرواريون آهن، جن مان کيس 6 ٻار ٿيا. هڪ ٻار سندس فوت ٿي ويو جنهن بعد پنهنجي نس بندي جو فيصلو ڪيو. هن ٻڌايو ته هڪ هڪ گارمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهي جتان کيس 42 هزار روپيا پگهار ملندي آهي.
هن چيو ته ٻن گهروارين جي نسبندي تي هڪ لک روپيا خرچ اچي پيو پر سماجي ڪارڪن راحيل احمد کيس پنهنجي نسبندي بابت ڄاڻ ڏني جنهن بعد هن اهڙو فيصلو ڪيو. هن چيو آمدني مطابق هو وڌيڪ ٻار پيدا ڪري انهن کي بهتر لباس، خوراڪ ۽ تعليم نه ڏياري سگهندو.
سماجي ڪارڪن راحيل احمد چيو ته مذهبي ۽ سماجي طور ماڻهن ۾ خانداني منصوبه بندي جو رجهان گهٽ آهي. پر هن ساڳئي وقت تسليم ڪيو ته گهٽ آمدني، غربت ۽ مهانگائي سبب هاڻي مردن ۾ نسبندي جو رجحان وڌي رهيو آهي.
رپورٽ موجب جناح اسپتال جي لاڳاپيل شعبي جي ڊاڪٽر رحيم بيگ ٻڌايو ته مردن ۾ نسبندي يعني وسيڪٽمي جو رجحان وڌي پيو. هن ٻڌايو ته اهڙن خواهشمندن کي بيهوشي جي دوا ڏئي اسپرم خارج ڪرڻ واري رڳ کي بند ڪيو ويندو آهي ۽ هي عمل 10 کان 15 منٽ ۾ مڪمل ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر ٻڌايو ته نسبندي ڪرائيندڙ مرد کي ڪجهه دير نگراني ۾ رکڻ بعد ضروري هدايتن سان گڏ گهر موڪليو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته هيستائين هو 300 اهڙا ڪيس ڪري چڪو آهي.
ڊاڪٽر بيگ ٻڌايو ته هن وقت ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ مورو ۾ وسيڪٽمي سينٽر ڪم ڪري رهي آهن، جڏهن ته اهي مختلف شهرن ڪيمپون پڻ لڳائيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو