صدر ٽرمپ جي آسيان جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقات

صدر ٽرمپ جي آسيان جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقات

منيلا (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري ڏينهن فلپائن ۾ علائقائي اتحادي ملڪن ڀارت، جاپان ۽ آسٽريليا جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. اها ملاقات سندس ايشيا جي دوري جي شروعات ۾ ٿي، جنهن ۾ سندس چيني ۽ روسي هم منصبن سان وڏي انتظار هيٺ رهندڙ ٽه ڌري ملاقات پڻ شامل آهي.
رائٽرز موجب ٽرمپ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻيءَ واري مرحلي ۾ فلپائن جي گاديءَ واري شهر منيلا پهتو ۽ پنهنجي ٽن ڏينهن واري علائقائي دوري جي شروعات انڊو-پيسفڪ جي جمهوري ملڪن جي گروپ ”ڪواڊ“ جي ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ پهرين اجلاس سان ڪئي.
ملاقات کان اڳ ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته، ”اسان جا ملڪ آزاد، کليل، مستحڪم ۽ خوشحال انڊو-پيسفڪ جا چار ٿنڀ آهن. اسان جا لاڳاپا شاندار آهن ۽ علائقائي سلامتي، معاشي سلامتي ۽ سفارتڪاريءَ جي معاملن تي ويجهي هم آهنگيءَ سان ڪم ڪريون ٿا.“
ٽرمپ جو ٽن ڏينهن وارو ايشيا جو دورو، جنهن ۾ شينزن ۾ ايشيا-پيسفڪ اقتصادي سهڪار (ايپيڪ) جو فورم پڻ شامل آهي، اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن سندس ريپبلڪن پارٽي وچ مدي وارين چونڊن ۾ شڪست کاڌي آهي. ان کانسواءِ جاسوسيءَ جا الزام ۽ چين جي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) وارن چِپن تائين رسائيءَ تي آمريڪا جون نيون پابنديون به سامهون آيون آهن، جيڪي واپاري جنگ جي نازڪ جنگبنديءَ کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهن ٿيون.
منيلا ۾ مظاهرين مسلسل پنجين ڏينهن به احتجاج ڪيو. انهن مظاهرن دوران ٽرمپ جا پتلا ساڙيا ويا، وچ اوڀر جي جنگ ختم ڪرڻ ۽ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ڪيل سپلاءِ چين جي منصوبي ”پيڪس سليڪا“ کي ختم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا.
اهو ڪواڊ گروپ سان ٽرمپ جو پهريون اجلاس هو. سندس اڳوڻو صدر جو بائيڊن هن گروپ کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي اهم ترين قدمن مان هڪ سمجهندو هو. ٽرمپ چيو ته اڳواڻن جي ڳالهين ۾ سلامتي ۽ مصنوعي ذهانت جي ترقيءَ جا معاملا به شامل هوندا.
ٽرمپ چيو ته، ”اسان يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته هن اهم ٽيڪنالاجيءَ جو مستقبل اهڙن ملڪن جي هٿن ۾ هجي، جيڪي اسان جا قدر ۽ گڏيل مفاد رکن ٿا، ۽ اهو به ته اها ٽيڪنالاجي پنهنجي بهترين ممڪن صورت اختيار ڪري.“
هن اعلان ڪيو ته ڪواڊ هڪ نئون ”اي آءِ ايڪسيلريٽر“ شروع ڪندو.
ٽرمپ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم (آسيان) جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻيءَ تي منيلا پهتو هو. ڪواڊ جي اجلاس کانپوءِ هو اڱاري ڏينهن آمريڪا ۽ آسيان جي ”خاص سربراهي اجلاس“ ۾ به شرڪت ڪندو.
اهي سرگرميون چين جي صدر شي جن پنگ جي ميزبانيءَ هيٺ ٿيندڙ ايپيڪ اجلاس کان اڳ ٿي رهيون آهن. شي جن پنگ ماضيءَ ۾ ڪواڊ تي اعتراض ڪندي چيو هو ته اهو بيجنگ کي گهيري ۾ آڻڻ جي ڪوشش آهي. جڏهن ته ڪواڊ جي ميمبر ملڪن جو چوڻ آهي ته هي گروپ ڪنهن هڪ ملڪ جي خلاف ناهي.
ڪواڊ جو اجلاس ”بهترين ممڪنه پيغام“
سومر ڏينهن آسيان جي سربراهي اجلاس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ عالمي واپاري پابندين باوجود چين ۽ آسيان جي ”غيرمعمولي“ معاشي ڪاميابين کي ساراهيو. هن آزاد واپار لاءِ بيجنگ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ”اسان کي متحد رهڻ، ٻاهرين مداخلت کي روڪڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.“
چين، آسيان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار ۽ سيڙپڪاريءَ جو اهم ذريعو آهي. پر 11 ميمبر ملڪن واري هن تنظيم جون وڏيون معيشتون، جن جي گڏيل مجموعي گهريلو پيداوار (جي ڊي پي) 3.9 ٽريلين ڊالرن کان وڌيڪ آهي، ٽرمپ انتظاميا جي دور ۾ ڊگهي واپاري ۽ سفارتي غيريقيني صورتحال باوجود آمريڪا سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهين ٿيون.
آمريڪا جي اڳوڻي نائب پرڏيهي وزير ڪرٽ ڪيمپبل ڪواڊ جي اجلاس جي وقت ۽ ٻيهر انعقاد جو سهرو واشنگٽن جي اعليٰ سفارتڪار مارڪو روبيو کي ڏنو. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ جي دور ۾ ڪواڊ گروپ جو اڳوڻو جوش ۽ مقصد گهٽجي ويو هو.
ايشيا گروپ جي گڏيل باني ڪيمپبل خميس ڏينهن ٿيندڙ آمريڪا، چين ۽ روس جي ٽه ڌري ڳالهين جو حوالو ڏيندي چيو ته، ”روبيو جي سوچ جو هڪ حصو شايد اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان ٽه ڌري ملاقات ۾ وڃڻ وارا آهيو ته اهو ان لاءِ بهترين ممڪنه پيغام هوندو.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”ايشيا ۾ اسان جي سمورين سرگرمين جو بنيادي ٿنڀ آمريڪا ۽ جاپان جا لاڳاپا آهن. جيڪڏهن اهو تاثر پيدا ٿئي ته صدر جي ترجيحن ۾ اهي لاڳاپا مٿانهين حيثيت نٿا رکن ته اها ڳالهه مون لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب هوندي.“
وائيٽ هائوس جي ترجمان اوليويا ويلز جمعي ڏينهن چيو هو ته ٽرمپ جي قيادت ۾ ڪواڊ اهو ثابت ڪيو آهي ته اهو ”عملي قدم کڻڻ واري ڀائيواري“ آهي، جيڪا خطي جي سخت ترين مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ آزاد ۽ کليل انڊو-پيسفڪ کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.
جاپان جي پرڏيهي وزارت جي هڪ عهديدار چيو ته اميد آهي ته ڪواڊ جا اڳواڻ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڳالهين ۾ سامونڊي سلامتي، برآمدات تي پابنديون، اهم معدنيات جي سپلاءِ چين کي متنوع بڻائڻ ۽ مصنوعي ذهانت جا معاملا شامل ٿي سگهن ٿا.
جاپان وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪندو، وزيراعظم جو اعلان
آسيان جي اڳواڻن اڱاري ڏينهن جاپان، ڏکڻ ڪوريا، چين ۽ ڀارت جي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون.
جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪاچي آسيان سان گڏجي علائقائي معاشي ۽ توانائيءَ جي مضبوطي وڌائڻ، برآمداتي پابندين ۽ مصنوعي ذهانت جي تيز رفتار ترقيءَ سبب پيدا ٿيندڙ ڪمزورين کي منهن ڏيڻ ۽ اهم معدنيات سميت سپلاءِ چين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.
تاڪاچي چيو ته، ”جڏهن عالمي نظام وڏي غيراستحڪام واري دور مان گذري رهيو آهي، تڏهن جاپان اڳي کان وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪندو.“
ٽرمپ اڱاري ڏينهن ٿائيلينڊ جي وزيراعظم انوتن چارن ويراڪول سان گڏ گڏيل واپاري معاهدي بابت هڪ گڏيل بيان تي صحيحون ڪرڻ وارو هو. ٿائي ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون ۽ بيان ۾ ڳالهين جي اڳڀرائي جو ذڪر هوندو.
آمريڪا، ٿائيلينڊ جي برآمدات جي سڀ کان وڏي منڊي آهي، جتي هلندڙ سال ٿائيلينڊ جي ڪل برآمدات جو 24 سيڪڙو موڪليو ويو آهي. آمريڪا 2003ع ۾ ٿائيلينڊ کي نيٽو کان ٻاهر پنهنجو اهم اتحادي ملڪ قرار ڏنو هو.
ٽرمپ اربع ڏينهن فلپائن جي صدر فرڊيننڊ مارڪوس جونيئر سان ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ هو شينزن روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو