جوڙي جي گهر تي حملو، نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي

جوڙي جي گهر تي حملو، نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي

نوشهروفيروز:(ن س) نوشهروفيروز ڀرسان ڀريا سٽي جي ڪاٺيا محلي ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي هٿياربندن پاران حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان جوڙي جو ڀاءُ شان علي ڪاٺيو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته پيرسن عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو