هنڱورجا (ن س) قومي شاهراھ تي سچل پمپ سامهون تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مولوي مختيار جوڳي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مولوي رياض جوڳي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ هنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بعد هنڱورجا پوليس پهچي مسافر ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










