واھن ۾ پاڻي بند،آبادگارن جو احتجاج ، فصل سڪڻ لڳا

واھن ۾ پاڻي بند،آبادگارن جو احتجاج ، فصل سڪڻ لڳا

ڪوٽ لالو (ن س) ڪوٽ لالو ۾ علي نواز واهه ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ فراهمي بند ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن پاران احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ هو ته واهه ۾ پاڻي نه هجڻ سبب سندن پوکيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جا فصل سڪي رهيا آهن، جنهن ڪري کين لکين رپين جي نقصان جو خدشو آهي.آبادگارن موجب آبپاشي کاتي جي عملدارن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سبب پڇڙي جي زمينن تائين پاڻي نٿو پهچي. احتجاج ڪندڙن ۾ محمد ابراهيم راڄپر، ميان مکڻ، ميان سوهيل، قمرالزمان راڄپر، نظر مري ۽ ٻيا آبادگار شامل هئا. هنن اعليٰ اختيارين ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته علي نواز واهه ۾ فوري طور پاڻي ڇڏيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو