اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حاڪم خان بکر علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. علي امين گنڊاپور پنهنجي وڪيل راجا ظهور الحسن ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي اڳوڻي وڏي وزير پاران ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گورنر راڄ دوران نظربند هجڻ سبب علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو هو. عدالت علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوشن جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










