لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته اقتدار کان وڌيڪ عارضي ڪا به شيءِ ناهي، اهو واريءَ وانگر هٿن مان نڪري ويندو آهي، جڏهن ته اصل اهميت عوامي خدمت ۽ سٺن ڪمن جي آهي.چڪوال يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته موجوده حڪومت کي لڳ ڀڳ هڪ هزار ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر اقتدار مستقل ناهي هوندو. هن چڪوال کي غيرتمند ماڻهن جي ڌرتي قرار ڏيندي چيو ته هتان جا ڪيترائي نوجوان پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. مريم نواز پاڪستاني خلا باز ذيشان علي جو ذڪر ڪندي چيو ته چڪوال جي هڪ نوجوان جو خلا تائين پهچڻ پوري علائقي ۽ پاڪستان لاءِ فخر جوڳو آهي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ملڪ جو قدر ڪن، پاڪستان بابت منفي ڳالهيون ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










