حددخلين ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباهي جو بنياد ايم ڪيو ايم وڌو

حددخلين ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباهي جو بنياد ايم ڪيو ايم وڌو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ حددخلين ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباهي جو بنياد ايم ڪيو ايم وڌو، ايم ڪيو ايم جو ميئر ايندي ئي سمورن ادارن جي تباهي جي شروعات ٿي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم نه فٽ پاٿ ڇڏيا ۽ نه ئي ڪا گهٽي، پارڪن ۾ شادي هال تعمير ڪرايا ويا. هر برائي جي پاڙ ايم ڪيو ايم رهي آهي، ماضي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو، ان جو بنياد الطاف حسين وڌو ۽ اڄ سندس پوئلڳ اهو سلسلو جاري رکي رهيا آهن. هن الزام لڳايو ته ڀتو وٺڻ جو سلسلو ايم ڪيو ايم شروع ڪيو، جڏهن ته ٻوري بند لاش به انهن ئي ڏنا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو