قرضن جي فراھمي آسان بڻائڻ جي هدايت

قرضن جي فراھمي آسان بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (ايس ايم ايز) کي مالي سهولتن تائين آسان رسائي، ڪاروباري دستاويزن جي تياري ۽ برآمدي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ اثرائتي رھنمائي ۽ سھڪار فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي آسان بڻائڻ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بئنڪ قرضن جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پنهنجي اداري جي صلاحيت وڌائڻ جا قدم کڻي رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بئنڪن جون جون 2028ع تائين ايس ايم ايز کي 2 هزار ارب رپين جا قرض ڏيڻ ۽ قرض حاصل ڪندڙ ڪاروبارن جو انگ 7 لک 75 هزار تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ان هدف ۾ 886 ارب رپين جا نوان قرض ۽ 4 لک 49 هزار نون قرض وٺندڙن کي مالي سهولتون فراهم ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، انهن کي سهولتون ڏيڻ سان معاشي سرگرمين، روزگار ۽ ڪاروباري موقعن ۾ واڌ ٿيندي. هن قرض حاصل ڪرڻ جو طريقو وڌيڪ آسان بڻائڻ، بئنڪن جي قرضن بابت ضابطن تي نظرثاني ۽ سرڪاري ادارن وٽ موجود لاڳاپيل ڊيٽا تائين بئنڪن جي رسائي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته جن ڪاروبارن جو برآمدي ڊيٽا پاڪستان سنگل ونڊو ۾ موجود آهي يا جيڪي ڊجيٽل انوائسنگ ۽ ايڪسِم انشورنس ذريعي سپلاءِ چين جو حصو آهن، انهن جي ڊيٽا کي قرضن لاءِ ضمانت طور قبول ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي. وزيراعظم بئنڪن کي هدايت ڪئي ته ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي قرضن سان گڏ ليٽر آف ڪريڊٽ ۽ بئنڪ گارنٽي حاصل ڪرڻ ۾ به سهڪار فراهم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، مختلف بئنڪن جي سربراهن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو